شاهه صدر

شاهه صدر: لاڙ جي بزرگ شاهه صدر جي مزار ضلعي بدين ۾ ڳوٺ حاجي عثمان چانڊيي ۽ ڳٺي ڍوري جي الهندي طرف آهي. پاڻ غوث بهاءُ الدين ملتاني جو معتقد هو. روايت آهي ته بهاءُ الدين ملتانيءَ کي ٺٽي ۾ مقامي ماڻهن قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي هئي، جنهن بعد ٺٽي جي سنڌي ماڻهن جو ملتان وڃڻ بند ڪيو ويو هو. تڏهن هن بزرگ راڄسين سومراڻيءَ سان گڏجي ملتان وڃي غوث بهاءُ الدين جي حاضري ڀري سنڌي ماڻهن کي ملتان وڃڻ جي اجازت وٺي ڏني هئي. شاهه صدر تي مقامي معتقد ساليانو ميلو لڳائيندا آهن ۽ لنگر عام هلندو آهي.


لفظ شاهه صدرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو